سنڌ هاءِ ڪورٽ (سنڌي بيٽا ورزن): هن ويب سائيٽ کي بهتر ڪرڻ لاءِ پنهنجي مثبت تجويزن سان اسان جي رهنمائي ۽ حوصلا افزائي ڪندا [email protected]



مقدمن اندر نياپو موڪلڻ جو اليڪٽرانڪ سرشتو (اِي.ڪيمس)

وڪيلن ۽ عام عوام لاءِ موبائل ۽ اي.ميل ذريعي. اِي.ڪيمس

جنهن جو افتتاح 05 مارچ 2011 تي پاڪستان جي چيف جسٽس ڪيو.
اِي.ڪيمس جي رجسٽريشن لاءِ فارم ڊائونلود ڪريو (وَرڊ فارميٽ ۾)
  1. مقدمن اندر نياپو موڪلڻ جي اليڪٽرانڪ سرشتو (اِي.ڪيمس) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئي.ٽي ڊپارٽمينٽ، عزت مآب چيف جسٽس ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئي.ٽي. ڪاميٽيءَ جي سرپرستيءَ ٺاهيو ۽ لاڳو ڪرايو، اِهو ڪيس فلومئنجمينٽ سسٽم جو نئون ماڊيول آهي جيڪو سنڌ هاءِ ڪورٽ اندر اڳ ئي هلي پيو. اِيڪمس هن وقت صرف پرنسپل سيٽ ڪراچي، سکر بينچ، حيدرآباد بينچ ۽ لاڙڪاڻه سرڪٽ ڪورٽ اندر لاڳوٿيل آهي بعد ۾ اهو ضلعي عدالتن اندر پڻ لاڳو ڪيو ويندو.
  2. ان جون ٻه بنيادي خاصيتون آهن
    • موبائل ۽ اي.ميل تي خبرداري
    • مقدمن جي خبرداري موبائل ۽ اِي.ميل تي
    1. پنهنجو پاڻ مقدمن اندر خبرداري واري سرشتي ۾
      • پنهنجو پاڻ مقدمن اندر خبرداري واري سرشتي ۾ لاڳاپيل وڪيل، فَرم يا عام عوام کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پنهنجي فون نمبر ۽ اي.ميل ايڊريس وغيره درج ڪرائڻو پوندو، رجسٽريشن فارم بنا ڪنهن فيس جي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ويب سائيٽ تي موجود آهي. (www.sindhhighcourt.gov.pk) ۽ جلد ئي ان سائيٽ تي آن لائن رجسٽريشن پڻ شروع ڪئي ويندي.
      • وڪيل، فرم يا عام عوام پڻ پنهنجو پاڻ کي ڪنهن مخصوص مقدمي اندر يا پنهنجن سڀن مقدمن اندر رجسٽر ڪرائي سگهن ٿا
      • جيڪي به رجسٽرڊ وڪيل، فرم يا عام عوام آهن تن کي پنهنجو پاڻ انهن جي موبائيل نمبر يا اي.ميل تي ايس.ايم.ايس هليو ويندو. جيڪو تنهن کي مقدمي جي بنيادي ڄاڻ ڏيندو جهڙوڪ، مقدمي جو نمبر، مقدمي جي طئي ٿيل تاريخ، ڪازلسٽ، اُن جو سلسليوار نمبر، بينچ جو نالو، مقدمي جو مرحلو ۽ مقدمي جي ڪيفيت/حالت/حيثيت
    2. مقدمن جي جاچ
      • مقدمن جي جاچ لاءِ ڪنهن کي به سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رجسٽرڊ ٿيڻ جي ضرورت ناهي، توهان ٻڌايل طريقي ڪار سان صرف هڪ اي.ايم.ايس موڪلڻو آهي، جيئن ته ڪورٽ جو مختصر نالو، مقدمي جو قسم، بينچ جو قسم، مقدمي جو نمبر، مقدمي جو سال، بينچ يا سرڪٽ جو مختصر نالو سنڌ هاءِ ڪورٽ جي اَي.ڪيمس جي موبائل نمبر تي موڪليو. مثال طور ڪو به سنڌ هاءِ ڪورٽ جي نمبر تي ايس.ايم.ايس اِن طريقي سان اُماڻي:Const. P. d 1501 2013 khi ته پوءِ اِي.ڪيمس وارو سرشتو، اُن کي اهڙو جواب ڏيندو جيئن ته Cons.p.d 1501/2013 ميرخان خلاف گل روز خان ۽ ٻيا، تاريخ 25 sept 13, ڪچا پيشيءَ لاءِ سيريل نمبر 34 تي، محترم جسٽس نديم اختر ۽ آفتاب گورڙ سامهون. ايس.ايڇ.سي. ڪراچيءَ جي طرفان ايس ايم ايس. توهان کي هي سرشتو، 5 کان 15 سيڪنڊن اندر جواب ڏئي سگهي ٿو. ان جو دارو مدار ان تي آهي ته سرشتي تي ساڳئي وقت ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جا سوال ۽ بار موجود اآهي مقدمي جي قسم جو مختصر نالو بالڪل ائين هجڻ گهرجي جيئن هميشه سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي ڪازلسٽ ۾ ڇپيل هوندو آهي مهرباني ڪري مقدمي جي قسم جو مختصر نالو لکڻ دوران ڪا به وٿي نه ڏيندا. مثال طور هڪ مقدمي جي قسم جيئن ته ڪانسٽيٽيوشن پٽيشن اهڙي طريقي لکڻ گهرجي، هن طريقي سان نه جيئن Const. p. t. ۽ p. جي وچ ۾ ڪا به وٿي نه هئڻ گهرجي
  3. هي اَي.ڪيمس سرشتو ڪيترن ئي ٽيڪنيڪل حصن تي مشتمل آهي جهڙوڪ (انٽرنيٽ جي ڪنيڪشن، موبائل سروس وغيره) تنهن ڪري ڪنهن وقت به ٽيڪنيڪل خرابي ٿي سگهي ٿي. ان لاءِ تمام وڪيلن، فرم ۽ عام عوام کا اها تجويز تي ڏجي ته هو پنهنجي مقدمن جي لڳڻ جي چڪاس سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سرڪاري ڪازلسٽ تان ڪن اِي.ڪيمس جي سرشتي اندر ڪنهن به خرابي اچڻ ڪري سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪنهن به وڪيل، فَرم يا عام عوام جي ڪنهن نقصان جي ذميوار نه هوندي
  4. هن سرشتي اندر ڪا به شڪايت يا مشورو هجي ته هن اِي.ميل. ايڊريس تي اُماڻيندا [email protected]
اطلاعات / اعلان

وڌيڪ پڙهو ۔۔

فوري دستياب